ڪراچي جي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ شريڪ جوابدار ضياءُ الدين اسپتال جي گروپ مئنيجر عبدالحميد مٿان فرد جرم لاڳو

Dr-Asim-70516

ڪراچي جي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ شريڪ جوابدار ضياءُ الدين اسپتال جي گروپ مئنيجر عبدالحميد مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، عدالت جوابدار عبدالحميد جو ڪيس ڊاڪٽر عاصم کان ڌار ڪندي سمورن شاهدن کي 7 جون تي طلب ڪري ورتو.

احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين شريڪ جوابدارن خلاف 462 ارب رپين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب گواهه طور روينيو آفيسر عماد الدين کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت ضياءُ الدين اسپتال جي گروپ فنانس مئنيجر عبدالحميد تي فرد جرم لاڳو ڪندي سندس ڪيس ڊاڪٽر عاصم کان ڌار ڪري ڇڏيو.

جوابدار عبدالحميد ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي عدالت نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

نيب پاران ڊاڪٽر عاصم کي پيش نه ڪرڻ ۽ جاچ آفيسر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مصروفيت سبب ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*