سـُپريم ڪورٽ، وفاقي وزير خواجه آصف جي تڪ اين اي 110 گوجرانوالا تي مبينا ڌانڌلي واري ڪيس ۾ نادرا چيئرمين کي پيش ٿيڻ جو حڪم

Supreme-Court-14-4-16

سـُپريم ڪورٽ، وفاقي وزير خواجه آصف جي تڪ اين اي 110 گوجرانوالا تي مبينا ڌانڌلي واري ڪيس ۾ نادرا چيئرمين کي ووٽن جي تصديق بابت فارينزڪ رپورٽ سميت 3 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـِي رڪني بينچ اين اي 110 گوجرانوالا تي مبينا ڌانڌلي واري ڪيس جي ٻڌڻي  ڪئي.

تڪ تان تحريڪ انصاف جي هارايل اميدوار عثمان ڊار جي وڪيل بابر اعواڻ دليل ڏيندي چيو ته  سپريم ڪورٽ ٽن مهينن اندر نادرا کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر اڃا تائين رپورٽ جمع ناهي ڪرائي وئي.

وڪيل بابر اعواڻ چيو ته نادرا چيئرمين رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ 6 جون جي تاريخ ڏني آهي ۽ اها تاريخ به ٽوئيٽ ذريعي ڏني وئي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏنا ته نادرا چيئرمين پاڻمرادو رپورٽ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ڪيئن ٿو ڪري سگهي.؟

عدالت، نادرا چيئرمين کي فارينزڪ رپورٽ سميت 3 جون تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته خواجه آصف جي ڪاميابي کي تحريڪ انصاف جي عثمان ڊار چيلينج ڪيو آهي، عدالت تڪ تي ووٽن جي تصديق جو حڪم ڏنو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*