اليڪشن ڪميشن، نواز ليگ جي ايم اين اي ڪئپٽن صفدر کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي درخواست تي ڪئپٽن صفدر کان 15 جون تي لکت ۾ جواب طلب

elecation-commiction22-8

اليڪشن ڪميشن، نواز ليگ جي ايم اين اي ڪئپٽن صفدر کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي درخواست تي ڪئپٽن صفدر کان 15 جون تي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر، جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني بينچ ڪئپٽن صفدر کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ تحريڪ انصاف پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

پـِي ٽي آءِ جي وڪيل چوڌري فيصل چيو ته ڪيپٽن صفدر پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ پنهنجي گهرواري جي اثاثن ۽  آف شور ڪمپنين جا تفصيل ظاهر ناهن ڪيا، ان ڪري اهو آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نٿو لهي.

درخواستگذار چيو ته گهرواري جا اثاثا لڪائڻ تي ڪئپٽن صفدر کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

اليڪشن ڪميشن ،ڪيپٽن صفدر کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*