پاڪستان ڪنهن به ملڪ تي جارحيت جو ارادو نٿو رکي، پاڪ-ڀارت ڳالهيون دير جو شڪار ٿيڻ تي ڳڻتي آهي:صدر ممنون حسين

mamnoon-hussain

صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به ملڪ تي جارحيت جو ارادو نٿو رکي، پاڪ-ڀارت ڳالهيون دير جو شڪار ٿيڻ تي ڳڻتي آهي، ڪشمير مسئلي جي حل تائين خطي جي مسئلن جو حل ممڪن نه آهن.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته جمهوريت کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن نه آهي، ملڪي مفادن لاءِ هاڻي ڪنهن به غلطي جي گنجائش نه آهي، قوم کي متحد ٿيڻ گهرجي.

دهشتگردري خلاف جنگ بابت ڳالهائيندي صدر ممنون حسين چيو ته اتر وزيرستان، بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ امن هي بحالي لاءِ جاري آپريشنز جا مثبت نتيجا مليا آهن، جڏهن ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ اڻکٽ قربانيون ڏئي رهيو آهي.

صدر ممنون حسين چيو ته پاڪستان جو اِيٽمي هٿيار پنهنجي دفاع لاءِ آهن، اسلام آباد ڪنهن به ملڪ تي جارحيت جو ارادو نٿو رکي ۽ نه ئي ڪو ملڪي سلامتي ۾ مداخلت برداشت ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان پٺاڻ ڪوٽ حملي جي مذمت ڪرڻ سان گڏ ڀارت سان جاچ لاءِ سهڪار ڪيو،  پر ان باوجود سيڪريٽريز سطحي ڳالهيون دير جو شڪار ٿيڻ ڳڻتي آهي.

ممنون حسين چيو ته پاڪستان ڪشيمر مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب چاهي ٿو، افغانستان ۾ مستقل امن جي بحالي لاءِ چار ملڪي اتحاد ڪوششون ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته جلد ڪابل ۾ امن جي فضا بحال  ٿي ويندي.

هن چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهدراي منصوبي سان خطي جي ڪروڙين ماڻهن جي تقدير تبديل ٿي ويندي، جڏهن ته راهداري منصوبي جو تعلق ڪنهن حڪومت، جماعت يا سياسي شخصيت سان ڳنڍيل نه آهي، اهو منصوبو قومي منصوبو آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪ چين اقتصادي راهدري منصوبي ۾ رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ضد ۽ ذاتي مفادن کي مٿڀرو ٿي سڀني کي ملڪي مفادن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن ڪنهن کي راهداري منصوبي تي خدشا آهن ته اهو حڪومت سان ڳالهيون ڪري، کيس مايوس نه ڪيو ويندو.

صدر ممنون حسين توانائي بحران تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جي مثبت ڪوششن سبب ملڪ ۾ بجلي جو بحران گهٽجي ويو  آهي، جڏهن ته 2018 تائين لوڊشيڊنگ تي ضابطو اچي ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته علمائن تي ٻڌل هڪ اهڙي ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل طور بيان جاري ڪرڻ سان گڏ اسلام بابت قوم کي اگاهه ڪندي رهي…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*