صدر صاحب ڊرون حملن ۽ پاناما ليڪس جو ذڪر ئي نه ڪيو، بجلي جي لوڊشيڊنگ ملڪ مان نه پر ايوان صدر مان ختم ٿي آهي:خورشيد شاهه

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته صدر ممنون حسين پنهنجي خطاب ۾ ڊرون حملن ۽ پاناما ليڪس جو ذڪر ئي نه ڪيو، بجلي جي لوڊشيڊنگ ملڪ مان نه پر ايوان صدر مان ختم ٿي آهي، حڪومت پاناماليڪس معاملي تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائڻ بدران مونجهارا  پيدا ڪري رهي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته صدر ممنون حسين جن منصوبن جو ذڪر ڪيو، انهن جي ترديد به ڪندو رهيو.

هن چيو ته ممنون حسين ڊرون حملي تي ڳالهائڻ بدران لکيل تقرير پڙهي جند ڇڏائي، کيس عالمي مسئلي تي ڳالهائڻ گهرجي ها.

ان کان اڳ اجلاس ۾ شرڪت کان اڳ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته پاناماليڪس جي جاچ لاءِ ٽرمز آف ريفرنس تي ڊيڊ لاڪ ختم ٿيڻ حڪومت جي مفاد ۾ آهي، معاملو حل نه ٿيو ته سياست روڊن تي اچي ويندي، چوڌري نثار کي ياد رکڻ گهرجي ته بلاول شهيد ذوالفقار ۽ بينظير ڀٽو جو اولاد آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پاناماليڪس جا اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ گهرجن.

هن چيو ته هــــُــو پاناماليڪس اسڪينڊل جي جاچ لاءِ ٽي او آرز تي ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائڻ جي حوالي سان اسپيڪر اياز صادق سان ڳالهائيندو، جڏهن ته اعتزاز احسن ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.

اپوزيشن ليڊر چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو اولاد آهي، مٿس تنقيد به اخلاقيات جي دائري ۾ رهي ڪئي وڃي.

خورشيد شاهه چيو ته پاناماليڪس اسڪينڊل جي دنيا ۾ جاچ شروع ٿي چڪي آهي، پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ رڳو ڊيڊ لاڪ ئي برقرار رهندا آهن، اپوزيشن معاملي جي شفاف جاچ چاهي ٿي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*