دادو ۾ ڪاڇي جي رهواسين پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي آپباشي عملدارن خلاف نعريباز ي ڪئي

dadu-protest

دادو ۾ ڪاڇي جي رهواسين پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندي آپباشي عملدارن خلاف نعريباز ي ڪئي.

ڪاڇي رهواسين علي ڏنو شاهاهاڻي، منظور شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  آبپاشي انجنيئر جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري زرعي زمين بنجر بڻجي چڪي آهي، جنهن ڪري رهواسي معاشي بحران جو شڪار آهن.

هنن  چيو ته شاخن ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري پيئڻ لاءِ به پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود آبپاشي اختيارين تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهن.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪاڇي ۾ پاڻي جي فراهمي شروع ڪري رهواسين کي مشڪلاتن کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*