اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدار معظم علي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

islamabad-highi-court

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدار معظم علي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

جسٽس نور الحق قريشي ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل 2 رڪني بينچ جوابدار معظم علي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ڪيو.

ٻڌڻيءَ دوران ڪيس جي جوابدار ڪاشف خان ڪامران جو نالو چالان ۾ شامل نه ڪرڻ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت سوال ڪيو ته ڪاشف خان ڪامران ڪير آهي ۽ ان جو واسطو ڪهڙي شهر سان آهي.؟

ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪاشف خان ڪامران کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪاشف ڪامران جو نالو چالان ۾ ان ڪري شامل ناهي ڪيو ويو، ڇو ته بعد ۾ ڳٺ جوڙ ڪئي ويندي ۽ پوءِ جوابدار کان پڇيو ويندو ته سندس نالو چالان ۾ شامل ڪجي يا نه؟

عدالت، جوابدار معظم جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو جلد ٻڌايو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*