امريڪي ڊرون حملا ملڪي خودمختياري ۽ سالميت جي خلاف آهن:جنرل راحيل شريف

army-chif28-8

 پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چيو آهي ته امريڪي ڊرون حملا ملڪي خودمختياري ۽ سالميت جي خلاف آهن، اهي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ناڪاميءَ جو ڪو به آپشن ناهي، هي سال دهشتگردي جي خاتمي جو سال آهي، دهشتگردن کي پنهنجي سرزمين تي ٻيهر قدم رکڻ نه ڏنو ويندو.

گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته آمريڪي ڊرون حملا افسوسناڪ آهي، ڊرون ڪاررواين تي پاڪستان پاران سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ايف سڪسٽين جهازن جي خريداري لاءِ ايئر چيف مارشل سهيل امان امريڪا سان رابطي ۾ آهي، ويڙهاڪ جهازن جي فراهمي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

آرمي چيف چيو ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي ۽ 99 سيڪڙو حدف حاصل ڪيا ويا آهن، اڳ ئي چيو هو ته هي سال دهشتگردي جي خاتمي جو سال آهي، آپريشن ضرب عضب جا حدف هن سال ئي مڪمل ڪيا ويندا ۽ دهشتگردن واپس اچڻ نه ڏنو ويندو.

پاڪ فوج جي سربراهه وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ وسيلن جي فراهمي ترجيح هئڻ گهرجي، دهشتگرد جي خاتمي لاءِ قوم جي عزم جي به ضرورت آهي.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ تعمير ۽ ترقيءَ جو ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ آءِ ڊي پيز جي واپسي به مڪمل ٿي چڪي آهي، فاٽا جو عوام امن امان جي صورتحال مان مطمئن آهي، آءِ ڊي پيز جي ٻيهر آبادڪاري ۽ امن امان برقرار رکڻ پهرين ترجيح آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*