عمرڪوٽ ۾ 15 ڏينهن مارجي ويل ٻارڙي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

umar-kot-protest

عمرڪوٽ ۾ 15 ڏينهن مارجي ويل ٻارڙي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

شو نگر ڪالوني ۾قتل ڪيل ٻارڙي درشنا ڪماري جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته جوابدار وحشياني انداز ۾ ٻارڙي کي قتل ڪري لاش ڦٽو ڪيو هو، پر 15 ڏينهن گذرڻ باجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن چيو ته جوابدار بااثر آهن، جنهن ڪري پوليس انهن جي ساٿاري بڻيل آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ٻارڙي جا قاتل فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*