بالي ووڊ جو ناليوارو مزاحيه اداڪار رزاق خان دل جو دورو پوڻ سبب نئين دهلي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو

Razzak Khan Biography Profile Image

بالي ووڊ جو ناليوارو مزاحيه اداڪار رزاق خان دل جو دورو پوڻ سبب نئين دهلي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي، جنهن جي سڀاڻي چار وڳي ممبئي ۾ تدفين ڪئي ويندي.

ڀارتي ميڊيا موجب، بالي ووڊ جي ناليواري مزاحيه اداڪار رزاق خان کي دل جوج دورو پوڻ سبب نئين دهلي جي هولي فيملي اسپتال ۾ آندو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.

ڊاڪٽرن ضروري ڪارروائي بعد اداڪار جو مڙهه وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن جي سڀاڻي ممبئي ۾ تدفين ڪئي ويندي.

رزاق خان بالي ووڊ کي 90 کان وڌيڪ مشهور فلمون ڏنيون جن ۾ هيرا ڦيري، هيلو برادر، بادشاهه ۽ جورو ڪا غلام، مهرا، چاهت، ڪيا ڪول هـــــين هم، عشق، پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا، نايڪ، پاٽنر ۽ ٻيون شامل آهن.

مزاحيه ڪردار سبب رزاق خان بالي ووڊ سميت دنيا جي ڪروڙين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*