مٺي ۾ نامعلوم چور گهر ڀاتين جي غير موجودگيءَ ۾ ڌاڙو هڻي روڪ رقم، سونا زيور ۽ هٿيار کڻي فرار ٿي ويا

peshawar-police

مٺي ۾ نامعلوم چور گهر ڀاتين جي غير موجودگيءَ ۾ ڌاڙو هڻي روڪ رقم، سونا زيور ۽ هٿيار کڻي فرار ٿي ويا.

مهراج پاڙي ۾ نامعلوم چور رٽائرڊ مختيارڪار منگهارام مهراج جي پٽ سنيل ننداڻي جي گهر مان تالا ٽوڙي لکين روپين جا سونا زيور، روڪ رقم ۽ هڪ ريوالور چوري ڪري فرار ٿي ويا.

ان سلسلي ۾ گهر جي مالڪ سنيل ننداڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهر ڀاتي پاڙي ۾ مائٽن وٽ ويل هئا، نامعلوم چور گهر ٻاهران لڳل بجلي جي ٿنڀي تان چڙهي گهر ۾ داخل ٿيا.

هن جو چوڻ هو ته چور تالا ٽوڙي گهر مان روڪ روقم، سونا زيور ۽ هڪ ريوالور پڻ کڻي فرار ٿي ويا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*