ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي گواهه بورڊ آف روينيو جي آفيسر عماد الدين بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

Dr-Asim-Case-14-4-16

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم خلاف 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي گواهه بورڊ آف روينيو جي آفيسر عماد الدين بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، عماد الدين بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم کي ملير جي ديهه ڇوهاره ۾ 25 ايڪڙ ۽ سيڪٽر 2 اَي ۾ ٻه ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي، الاٽمينٽ جون 4 سمريون سي ايم هائوس موڪليون ويون، جيڪي اڃا تائين واپس نه آيون آهن.

احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين شريڪ جوابدارن خلاف 462 ارب رپين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب گواهه طور روينيو آفيسر عماد الدين کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

روينيو آفيسر بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم حسين کي ملير جي ديهه ڇوهاره ۾ 25 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي، جڏهن ته ملير جي ئي سيڪٽر 2 اَي ۾ ٻه ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ ڪئي وئي.

روينيو آفيسر عدالت ۾ 4 سمريون پيش ڪندي چيو ته چارئي سمريون سي ايم هائوس موڪليون ويون هيون، جيڪي اڃا تائين نه آيون آهن.

ان کان اڳ عدالت ضياءُ الدين اسپتال جي گروپ فنانس مئنيجر عبدالحميد تي فرد جرم لاڳو ڪندي سندس ڪيس ڊاڪٽر عاصم کان ڌار ڪري ڇڏيو.

جوابدار عبدالحميد ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي عدالت نيب کي ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*