دهشتگردي، بدعنواني ۽ ڪرپشن پاڪستان جو سڀ وڏو مسئلو آهي، حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران رڳو سکڻا اعلان ڪرڻ ۾ رڌل آهي

yousif-raza-ghalani

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته دهشتگردي، بدعنواني ۽ ڪرپشن پاڪستان جو سڀ وڏو مسئلو آهي، حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران رڳو سکڻا اعلان ڪرڻ ۾ رڌل آهي.

ملتان جي مقامي هوٽل ۾ تقريب کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته حڪومت پاناماليڪس اسڪينڊل مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر پ پ حڪمرانن جو گهيرو تنگ ڪندي.

هن چيو ته پاڪستان ڏکي گهڙي مان گذري رهيو آهي، دهشتگردي ۽ ڪرپشن ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون آهن.

سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مٿان تنقيد ڪندڙ پنهنجي ماضي تي ڌيان ڏين ته کين سمورن سوالن جا جواب ملي ويندا.

يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته سندس پاناماليڪس معاملو حل ٿيڻ گهرجي، هو دعاڳو آهي ته نواز شريف جلد صحتياب ٿي ڏيهه واپس اچي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*