امريڪي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار هليري ڪلنٽن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

bilawal-Hillary-Clinton

امريڪي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار هليري ڪلنٽن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کيس بلاول ڀٽو زرداري مان بينظير ڀٽو جي جهلڪ نظر اچي رهي آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي راولپنڊي کان آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور تائين ريلي ۽ جوشيلو خطاب تي نه صرف پاڪستان ۾ بحث جو موضوع بڻيل رهيو پر عالمي اڳواڻ به ان تي تبصرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

امريڪي صدارتي اميدوار هليري ڪلٽن اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ٽيڪسٽ ميسيج ڪري بلاول ڀٽو زرداري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

هليري، پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري  جي خطاب جو انداز پنهنجي امڙ جيان لڳي رهيو هو ۽ ان مان کيس محترمه بينظير ڀٽو جي جهلڪ نظر اچي رهي هئي.

هليري ڪلنٽن چيو ته هـُو دعاگو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سياست جي ميدان ۾ پنهنجي امڙ جيان ڪاميابيون ماڻي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*