واهي پانڌي ۾ ڪِري پَٽِ پيل مين پل جي تعمير نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

wahi-pandhi-protest

واهي پانڌي ۾ ڪِري پَٽِ پيل مين پل جي تعمير نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي ايس يو پي، ايس ٽي پي، پ پ ش ڀ ۽  شهري اتحاد پاران وقار مستوئي، امير پريمي، شڪيل رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته واهي پانڌي مين پل کي ٽُٽُي 20 ڏينهن گذري ويا آهن، پر اڃا تائين پل جي تعمير شروع ناهي ڪئي وئي.

هنن چيو ته سموري پل تعمير ڪرائڻ بدران پل جي صرف ڪريل حصي جو مرمتي ڪم شروع ڪرايو ويو آهي، جيڪا شهرين سان وڏي ويساه گهاتي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته پل جي نئين سر تعمير ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*