پنجاب جي علائقي مري ۾ شادي کان انڪار تي باهه ڏئي ساڙيل ناري اسلام آباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي

marrree-gril-death

پنجاب جي علائقي مري ۾ شادي کان انڪار تي باهه ڏئي ساڙيل ناري اسلام آباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي ساڙڻ واري واقعي ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

مري جي علائقي ديول شريف ۾ اڻڄاتل جوابدارن 19 ورهين جي اسڪول ٽيچر ماريه کي شادي کان انڪار پيٽرول هاري باهه لڳائي ڇڏي هئي، جنهن  کي اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ناري جو 85 سيڪڙو جسم سڙي چڪو هو، سندس حياتي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر هوءَ جانبر نه ٿي سگهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي پنجاب سهيل خان جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي ۾ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر فارينزڪ سائنس ايجنسي به شامل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ روپوش جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ناري جي والد پوليس آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته سندس نياڻي علائقي  جي چڱي  مڙس ماسٽر شوڪت جي اسڪول ۾ پڙهائيندي هئي، جنهن پنهنجي پٽ لاءِ رشتو موڪليو هو، ان انڪار تي شوڪت ۽ ارشد پنهنجي ساٿين سان گڏجي سندس نياڻي کي باهه ڏني هئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*