ايندڙ سال رٿيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول تيار، ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ڀارت جون ٽيمن هڪ گروپ ۾ شامل

icc-champions--2017-logo

ايندڙ سال رٿيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول تيار ڪيو ويو آهي، ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ڀارت جون ٽيمن هڪ گروپ ۾ شامل آهن.

پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ آءِ سي سي جي رٿيل ميچ 4 جون 2017 ۾ برمنگهم ۾کيڏي ويندي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي شيڊيول جو باقائده اعلان اڄ ڪندي.

پاڪستان جي گروپ ۾ سري لنڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون به شامل آهن.

آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2017 جي ايڊيشن ۾ هڪ ڀيرو قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ ٻئي سامهون ٿينديون.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران منعقد ٿيندڙ چيمپيئنز ٽرافي 2017 جون مهيني جي پهرين تاريخ کان 18 تائين جاري رهندي.

ايونٽ جون ميچز  انگلينڊ جي شهر ايجبسٽن، اوول ۽ ڪارڊف کي کيڏيون وينديون.

قومي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ روائتي حريف ڀارت سان گڏ سري لنڪا ۽ڏکڻ آفريڪي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي.

قومي ٽيم روائتي حريف ڀارت سان 4 جون تي مهاڏو اٽڪائيندي،جنهن بعد 7جون تي ڏکڻ آفريڪا سان مقابلو ڪندي ۽ 12 جون تي سري لنڪن ٽِيم سان ميچ شيڊيول ٿيل آهي.

چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل 18 جون تي شيڊيول ٿي آهي ۽ 19 جون فائنل جو ريزرو طور رکيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*