احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي ڊسپلين جي سزا طور ٽِيم مان ٻاهر ڪرڻ زيادتي آهي:جاويد ميانداد

javed miadad

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نالي واري بيٽسمين جاويد ميانداد جو چوڻ آهي ته احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي ڊسپلين جي سزا طور ٽِيم مان ٻاهر ڪرڻ زيادتي آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته ٻنهي ڪرڪيٽرن ڊسپلين جي خلاف ورزي ڪئي آهي ته کين سزا ضرور ڏيڻ گهرجي، پر کين ٽيم مان ٻاهر ڪرڻ ساڻن ناانصافي آهي.

هن چيو ته احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل اهڙا رانديگر نه آهن،جيڪي ٽيم جي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهن.

هن چيو ته جيڪڏهن انهن ٻنهي رانديگرن ڪا وڏي غلطي ڪئي آهي ته کيس ضرور ڊراپ ڪرڻ گهرجي، پر عوام کي اهو ٻڌايو وڃي ته سندس قصور ڪهڙو آهي،جيئن ٻين رانديگرن کي سبق ملي سگهي ۽ هو اهڙين معاملن کان پاڻ کي بچائي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*