وفاق سنڌ جي منصوبن سان مذاق ڪري رهيو آهي، پنجاب کانسواءِ ٽنهي صوبن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي: قائم علي شاهه

qaim-ali-shah

وفاقي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪرڻ تي سنڌ سرڪار پاران سخت احتجاج، وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته وفاق سنڌ جي منصوبن سان مذاق ڪري رهيو آهي، پنجاب کانسواءِ ٽنهي صوبن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، نواز ليگ شايد جمهوريت نٿي چاهي، ان لاءِ ئي آمراڻا قدم کنيا پيا وڃن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته وفاق ڪراچي جا ترقياتي منصوبا رد ڪري ڇڏيا آهن، پاڻي جا منصوبا به ختم ڪيا ويا آهن.

وڏي وزير چيو ته وفاق سنڌ جي 201 اسيڪمن مان رڳو 7 منظور ڪيون جيڪي ڪم جون ئي ناهن، لڳي ٿو ته وفاق سنڌ جي منصوبن سان مذاق ڪري رهيو آهي.

وڏي وزير چيو ته سندن خيال موجب وفاقي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته آ.يني طرح سان اجلاس نه ٿيو آهي.

اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي ڳالهين لاءِ چيو، پر هن جواب ڏنو ته اجلاس کانپوءِ ڳالهائينداسي ۽ پوءِ وري احسن اقبال چيو ته توهان سان فون تي حال احوال ڪنداسين.

 وڏي وزير چيو ته پنجاب کانسواءِ ٽنهي صوبن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، نواز ليگ شايد جمهوريت نٿي چاهي، ان لاءِ ئي آمراڻا قدم کنيا پيا وڃن.

سنڌ ۾ ترقياتي بجيٽ خرچ نه ٿيڻ واري سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ترقياتي بجيٽ 60 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتي حڪمن سبب ترقياتي منصوبا بند آهن ۽ نوڪرين تي به پابندي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*