دبئي هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي جي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو، وڏو وزير قائم علي شاهه وزيرن سميت دبئي پهچي ويو

qaim-ali-shah

دبئي هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي جي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو آهي، وڏو وزير قائم علي شاهه، سينئر صوبائي وزير مراد علي شاهه ۽ شرجيل ميمڻ دبئي پهتل آهن، صوبائي صلاحڪار عبدالقيوم سومرو، مرتضيٰ وهاب ۽ فياض ٻٽ اڳ ئي دبئي موجود آهن.

وڏو وزير قائم علي شاهه ناڻي واري صوبائي وزير مراد علي شاهه سان گڏ دبئي پهتو، کين اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪالهه دبئي سڏايو هو.

صوبائي صلاحڪار عبدالقيوم سومرو، مرتضيٰ وهاب ۽ فياض ٻٽ اڳ ئي دبئي پهتل آهن، جڏهن ته شرجيل ميمڻ به لندن کان دبئي پهچي ويو آهي.

ذريعن موجب وڏو وزير قائم علي شاهه آصف علي زرداري کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ سميت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ ۽ اويس مظفر جي صوبائي اسيمبلي واري سيٽن جي حوالي سان به مشاورت ڪئي ويندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*