پاڪستان کي دهشتگردن سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو، پاڪ فوج دنيا جي بهترين فوجن مان هڪ آهي:بان ڪي مون

ban-ki-moon

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون خطي ۾ امن لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي دهشتگردن سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو، پاڪ فوج دنيا جي بهترين فوجن مان هڪ آهي، جنهن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏکين چئلينجز کي منهن ڏنو.

نيويارڪ ۾ پاڪستاني امن دستن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون شرڪت خاص شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي بان ڪي مون خطي ۾ امن لاءِ پاڪستاني فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

بان ڪي مون چيو ته پاڪ فوج بهترين فورسز مان هڪ آهي، جنهن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏکين چئلينجز کي منهن ڏنو.

بان ڪي مون سلامتي ڪائونسل کي جنگ کان متاثر ملڪ مالي ۾ امن لاءِ اڍائي هزار فوجي اماڻڻ جي سفارش پڻ ڪئي.

بان ڪي مون چيو ته جنگ سبب مالي ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ وڌيڪ فوجي دستا هر صورت ۾ وڃڻ گهرجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*