ڪوئيٽا جِي احتساب عدالت، ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار بلوچستان جي اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي 14ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي

mushtaq raisani

ڪوئيٽا جِي احتساب عدالت، ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار بلوچستان جي اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي 14ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڪوئيٽا جي احتساب عدالت جي جج ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

قومي احتساب بيورو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ مشتاق رئيساڻي کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.

نيب پراسڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته مشتاق رئيساڻي کي ڪروڙين رپين جي روڪ رقم سميت گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته جوابدار جاچ دوران اهم انڪشاف به ڪري چڪو آهي.

نيب پراسڪيوٽر دليل ڏنا ته جوابدار جي انڪشافن کانپوءِ اهم گرفتاريون ڪيون آهن، جڏهن ته مشتاق رئيساڻي جي رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت نيب جي اهڙي درخواست تي بلوچستان جي ناڻي واري اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي کي 14 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته مشتاق رئيساڻي کي 6 مئي تي ڪروڙين رپين سوڌو گرفتار ڪيو ويو هو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*