سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، 5 مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 350 ٿي ويو

thar-child-death

ڏڪاريل ٿر ۾ بيمارين ۽ غذائي کوٽ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا، 5 مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 350 ٿي ويو آهي.

مٺي جي سول اسپتال ۾ 4 نوان ڄاول ٻارڙا فوت ٿي ويا، فوتي ٻارڙن ۾ ڳوٺ کبڙيال جي رهواسي اسماعيل جو تازو ڄاول ٻار، ڳوٺ ٻٻو ويرو جي رهواسي راجيش جو ٻار، ڳوٺ ڪنگري جي رهواسي کيمو جو ٻار ۽ ڳوٺ ڇهو نهڙي جي رهواسي مير محمد جو ٻار شامل آهن.

ڏڪاريل ٿر ۾ بيمارين ۽ غذائي کوٽ سبب 5 مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 350 ٿي ويو ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*