نوشهروفيروز جي تڪ پي ايس 22 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جار ي

noshorofiroz-poling

نوشهروفيروز جي تڪ پي ايس 22 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جار ي آهي، ان دوران حفاظتي انتظام سخت ڪندي 600 کان وڌيڪ رينجرز ۽ 15سئو کان وڌيڪ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

پي ايس 22 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، پ پ جي عبدالستار راڄپر ۽ نواز ليگ جي عارف مصطفيٰ جتوئي سميت 30 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

  چونڊ دوران ڪل 98 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 54 حساس ۽ 23 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار  ڏنو ويو آهي.

پولنگ دوران مردن ۽ عورتن لاءِ 300 بوٿ قائم ڪيا ويا آهن، ضلعي ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد هڪ لک 35 هزار 878 آهي.

پولنگ دوران سڪيورٽي انتظام سخت ڪندي 600 کان وڌيڪ رينجرز اهلڪار ۽ 15 سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ 10 ايس ايس پيز ۽ 19 ڊي ايس پيز جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي.

ياد رهي ته پي ايس 22 تي عام چونڊن دوران پ پ جو عبدالستار راڄپر ڪامياب ٿيو هو، جنهن بعد اين پي پي جي عارف مصطفيٰ جتوئي پاران مبينا ڌانڌلي واري درخواست تي اليڪشن ڊربيونل پاران ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو.

عبدالستار راڄپر پاران اليڪشن ڊربيونل جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد ڌرين پاران ٻيهر چونڊ ڪرائڻ لاءَ راضپو ظاهر ڪرڻ تي عدالت پولنگ جو حڪم ڏنو هو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*