ڪراچي جي ٻن صوبائي تڪن پي ايس 106 عزيز آباد ۽ پي ايس 117 پي آءِ بي ڪالوني تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري

woman-costing-vote

ڪراچي جي ٻن صوبائي تڪن پي ايس 106 عزيز آباد ۽ پي ايس 117 پي آءِ بي ڪالوني تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ جاري آهي، جڏهن ته پولنگ اندر ۽ ٻاهر رينجرز توڙي پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي.

ٻنهي صوبائي تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 8 وڳي شروع ٿي ، جيڪا بنا وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي.

ڪراچي جي پي ايس 117 پي آءِ بي ڪالوني تي ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر صغيراحمد جي استعيفيٰ کانپوءِ ۽ پي ايس 106 عزيز آباد تي افتخار عالم جي استعيفيٰ کانپوءِ ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي.

ڪراچي جي پي ايس 117 تي ايم ڪيو ايم جي قمر عباس، پي ٽي آءِ جي رفاقت عمر ۽ پ پ جي جاويد مقبول ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

ڪراچي جي پي ايس 106 تي پ پ جي عبدالصمد گبول، ايم ڪيو ايم جي محفوظ يار خان ۽ پي ٽي آءِ جي نصرت انور  سميت ٻين  اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

ڪراچي جي حسين آباد واري علائقي جي ايليمينٽري اسڪول ۾ قائم ٿيل پولنگ جي هڪ ڪمري ۾ 2 بوٿ  ٿيڻ تي عورت ووٽرز ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن بعد رينجرز ۽ پوليس صورتحال تي ضابطو  آندو.

ڪراچي جي ٻن تڪن تي ننڍي چونڊ لاءَ پولنگ اسٽيشنز اندر ۽ ٻاهر رينجرز توڙي پوليس کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوج کي اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*