نيب پاران اي آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي ۽ ٽريفڪ جي ٻين آفيسرن خلاف ڪرپشن الزامن هيٺ جاچ شروع ڪئي وئي

khadim-bhathi

نيب پاران اي آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي ۽ ٽريفڪ جي ٻين آفيسرن خلاف ڪرپشن الزامن هيٺ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ اي آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ڪراچي جي هڪ شهري مظفر 9 اپريل تي نيب کي خط لکي اي آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي خلاف شڪايت ڪئي هئي ته هن کائنس 5 لک رپيا رشوت طور گهريا آهن.

ذريعن موجب نيب آءِ جي سنڌ کي خط لکيو هو ته اي آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي، لائيسنس برانچ جي انسپيڪٽر  طاهر ۽ ٻين عملدارن خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب نيب پاران خط لکڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ اي آءِ جي ٽريفڪ خادم حسين ڀٽي کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*