اپوزيشن ٽي او آرز جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، پر حڪومت پاران تياري نظر نٿي اچي: شاهه محمود قريشي

Shah-Mahmood-30416

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اپوزيشن ٽي او آرز جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، پر حڪومت پاران تياري نظر نٿي اچي، حڪومت دير ڪئي ته گڏيل اپوزيشن آئيندا جو لائحه عمل جوڙيندي.

 حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اپوزيشن پاران ٽي او آرز جي تياري مڪمل ڪندي حڪومت آڏو 15 سوال رکيا ويا آهن.

هن چيو ته اپوزيشن تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، پر حڪومت پاران اڃا تائين تياري جا امڪان نظر نٿا اچن.

شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت پاران دير ڪئي وئي ته گڏيل اپوزيشن آئندا جو لائحه عمل جوڙيندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*