سپريم ڪورٽ ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ججز جي مقرري بابت درخواست تي هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کان ٽن هفتن اندر جواب طلب

superemcourt12-8

سپريم ڪورٽ ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ججز جي مقرري بابت درخواست تي هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کان ٽن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پشاور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ججز جي مقرري بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار  موقف اختيار ڪيو ته هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان مقررين لاءِ رکيل شرط غير قانوني آهن، جڏهن ته غير قانوني طور ڀرتيون نٿيو ٿي سگهن.

جسٽس ثاقب نثار رماڪس ڏنا ته ڇا ڀرتين واري معاملي جو ڪنهن فورم تي جائزو وٺڻو آهي، جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جي اختيار ۾ نه آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو جائزو وٺڻ سگهي ٿي.

عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کان ٽن هفتن اندر جواب طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*