سپريم ڪورٽ، وفاقي حڪومت جي ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل ڪرڻ بابت درخواستون لاڳاپيل کاتن ڏانهن اماڻي ڇڏيون

SupremeCourt-7-7-15

سپريم ڪورٽ، وفاقي حڪومت جي ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل ڪرڻ بابت درخواستون لاڳاپيل کاتن ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن.

جسٽس عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ وفاقي حڪومت جي ڊي ويجز ملازمن کي مستقل ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته  وفاقي حڪومت ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي مستقل نٿي ڪري، عدالت کيس ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواستون لاڳاپيل کاتن ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن.

جسٽس ڪنهن سياسي يا غير سياسي مقررين جو بار عدالت نٿي کڻي سگهي، تنهنڪري معاملو لاڳاپيل کاتن جي اختيارن کي حل ڪرڻ گهرجي.

عدالت درخواستگذار کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل کاتي سان رابطو ڪن، فيصلو سندن حق ۾ نه اچڻ جي صورت ۾ درخواست داخل ڪرائي سگهجي ٿي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*