شهيد بينظير آباد پوليس مبينا طور قبرون کوٽيندڙ 2 ڀوپن سميت 4 جوابدارن کي قبرستان مان گرفتار ڪري ورتو

Nawabshah-Police-6-8شهيد بينظير آباد پوليس مبينا طور قبرون کوٽيندڙ 2 ڀوپن سميت 4 جوابدارن کي قبرستان مان گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوابدار قبرون کوٽي لاشن جي بيحرمتي ڪندا هئا.

68 موري ويجهو ڳوٺ نور  احمد شاهه جي قبرستان ۾ قبرن جي بيحرمتي واري شڪايت تي پوليس ڪارروائي ڪندي 2 ڀوپن عزيز الله چانڊيو، لال محمد بگٽي، مولا بخش بروهي ۽ علي مراد بروهي کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس قبرستان مان ٽيڪم، بيلچو ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪري ورتو آهي، جنهن سان مبينا طور جوابدار قبرون کوٽي لاشن جي بيحرمتي ڪندا هئا.

پوليس موجب ڀوپن جا 3 ساٿي فرار ٿي ويا، معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*