ڪراچي پوليس ڪي ڊي اي آفيسر جميل بلوچ جي بازيابي جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

sindh-highi-court11-8

ڪراچي پوليس ڪي ڊي اي آفيسر جميل بلوچ جي بازيابي جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ، جميل بلوچ  پوليس کي رڪارڊ ڪرايل پنهنجي شروعاتي بيان ۾ چيو آهي ته جوابدار کائنس گلستان جوهر، سرجاني ٽائون، ڪورنگي ۽ سهراب ڳوٺ ۾ زمينن بابت پڇا ڳاڇا ڪندا رهيا.

پوليس موجب جميل بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اڻڄاتل ماڻهو کيس فاران ڪلب ويجهو زبردستي گاڏي ۾ کنڀي ويا، جيڪي کائنس گلستان جوهر، سرجاني ٽائون، ڪورنگي ۽ سهراب ڳوٺ ۾ زمينن بابت پڇا ڳاڇا ڪندا هئا.

جميل بلوچ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ هٿيار بند کيس اسٽار گيٽ وٽ ڇڏي ويا، سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ رينجرز کي حڪم ڏنو هو ته جميل بلوچ کي بازياب ڪرائي ٻن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*