لاڙڪاڻي ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران واپارين ۽ اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن وچ ۾ جهيڙو،واپارين ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana-protest

لاڙڪاڻي ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران واپارين ۽ اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ واپارين ڪاروباري مرڪز بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميرو خان چوڪ وٽ اينٽي انڪروچمينٽ عملي پاران حد دخلين خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيترن کي دڪانن آڏو ٺهيل غير قانوني طور اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون.

حد دخلين خلاف آپريشن دوران واپارين ۽ اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن کانپوءِ واپارين ڪاروباري مرڪز بند ڪري مک چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي دڪاندار محمد اسماعيل ۽  ٻين جو چوڻ هو ته اينٽي انڪروچمينٽ ڪارروايون ڪندي سندن لکين رپين جو نقصان ڪيو آهي.

هنن الزام هنيو ته اينٽي انڪروچمينٽ عملدارن پاران دڪاندارن کان ڀتو وصول ڪيو ويو، جيڪو نه ڏيڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

 هنن مطالبو ڪيو ته واپارين جو نقصان ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*