ٿرپارڪر ۾ وڏي وزير پاران افتتاح ڪرڻ باوجود گشتي اسپتالون هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود فعال نه ٿيون

thar-mobile-hospital

ٿرپارڪر ۾ وڏي وزير پاران افتتاح ڪرڻ باوجود گشتي اسپتالون هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود فعال نه ٿيون  آهن، ڊي ايڇ او ٿرپاڪر جو چوڻ آهي ته اسپتالن لاءِ مقرر ڊاڪٽرز نه پهچڻ ڪري ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿر جي ڏورانهن علائقن جي رهواسين کي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ چئن گشتي اسپتالن جو افتتاح ڪيو هو.

هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود گشتي اسپتالون فعال نه ٿي سگهيون آهن، جنهن ڪري سموريون گاڏيون ڊي سي آفيس ۾ بيٺل آهن.

ڊي ايڇ او ٿرپارڪر چندر گوپاڻي جو چوڻ آهي ته گشتي اسپتالن لاءِ مقرر ڊاڪٽرز ۽ ڊاڪٽرياڻيون اڃا ناهن پهتا، جنهن ڪري ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي.

ڊي ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت پاران گشتي اسپتالن جون چار گاڏيون مليون آهن ۽ وڌيڪ 2 گاڏيون به هڪ ٻن ڏينهن ايندڙ ملڻ جو امڪان آهي، ڊاڪٽرز پهچڻ بعد ڏورانهن علائقن جي ماڻهن کي علاج جي مفت سهولت فراهم ڪئي ويندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*