ڊرون حملا پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري خلاف آهن، جيڪي فوري طور بند ٿيڻ گهرجن:سرتاج عزيز

sartaj-ziz

پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ڊرون حملا پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختياري خلاف آهن، جيڪي فوري طور بند ٿيڻ گهرجن.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز سان آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل ملاقات ڪئي، جنهن دوران ايف 16 جهاز خريداري سميت سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران  پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ افغان مفاهمتي عمل تي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته ڊرون حملا پاڪستان جي خودمختياري ۽ سالميت جي خلاف آهن، جيڪي فوري طور بند ٿيڻ گهرجن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*