ڪراچي پوليس نيو دهلي ڪالوني مان عورت حليما جو لاش هٿ اچڻ ۽ سندس معصوم پٽ عبدالله کي ايڌي سينٽر ۾ ڇڏڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار رضوان جي گهر واري کي گرفتار ڪري ورتو

Karachi-Police

ڪراچي پوليس نيو دهلي ڪالوني مان عورت حليما جو لاش هٿ اچڻ ۽ سندس معصوم پٽ عبدالله کي ايڌي سينٽر ۾ ڇڏڻ واري ڪيس ۾ نامزد جوابدار رضوان جي گهر واري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته حليمه جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ سندس ماءُ ۽ ڀاءُ مانسهره کان ڪراچي پهتا آهن.

ڊي آءِ جي ڏکڻ منير شيخ جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار رضوان جي گهر واري سونيا کي فريئر واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ رضوان جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار رضوان 25 مئي تي نينگر عبدالله کي ڪلفٽن جي ايڌي سينٽر ۾ ڇڏي ويو هو، جڏهن ته سندس ماءُ حليمه جو لاش گذريل ڏينهن نيو دهلي ڪالوني جي هڪ فليٽ مان هٿ آيو هو.

ناري حليمان جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ سندس ڀاءُ ۽ ماءُ مانسهره کان ڪراچي پهتا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*