ڀارت جي خاص عدالت 2002 ۾ گجرات وڳوڙن ۾ ڪانگريس اڳواڻ سميت قتل ڪيل 69 ڄڻن جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڇڏيو

gujrat-calish

ڀارت جي خاص عدالت 2002 ۾ گجرات وڳوڙن ۾ ڪانگريس اڳواڻ سميت قتل ڪيل 69 ڄڻن جي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي بي جي پي اڳواڻ سميت 36 ڄڻن کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو، 24 جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏنو ويو، قتل ڪيل ايم ايل اي احسان جعفري جي بيوه فيصلي تي عدم اطمينان ظاهر ڪندي هاءِ ڪورٽ ۾ فيصلي خلاف اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

گجرات جي خاص عدالت 14 سال اڳ احمد آباد جي گلبرگ هائوسنگ سوسائٽي تي هندو وڳوڙين جي حملي ۾ ڪانگريس جي اڳوڻي پارليامينٽ جي ميمبر احسان جعفري سميت 69 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو فيصلو اڄ ٻڌايو.

عدالت وشوا هندو پريشد جي اڳواڻ اتل ويديه سميت 24 جوابدارن کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، جن کي 6 جون تي سزا ٻڌائي ويندي.

ڪيس مان آجو قرار ڏنل 36 جوابدارن ۾ بي جي پي جو اهم اڳواڻ بــِپــِن پٽيل به شامل آهي، جنهن کي ايف آءِ آر ۾ مک جوابدار طور نامزد ڪيو ويو هو.

28 فيبروري 2002ع تي هزارين انتها پسند هندوئن احمد آباد جي گلبرگ هائوسنگ سوسائٽي تي حملو ڪيو هو، جتي ڪانگريس جي اڳوڻي ايم ايل اي احسان جعفري جي گهر ۾ مسلمان عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن پناهه ورتي هئي.

انتهاپسند هندو 4 ڪلاڪن تائين قتل عام ڪندا رهيا هئا، جنهن دوران احسان جعفري پاڻ گهران نڪري آيو هو ۽ وڳوڙين کي چيو هو ته کيس ڀلي قتل ڪيو پر عورتن ۽ ٻارن کي ڇڏيو، جنهن بعد انتهاپسند هندوئن مٿس تشدد ڪيو، جنهن دوران هو فوت ٿي ويو هو.

گجرات وڳوڙ گوڌرا اسٽيشن تي ٽرين تي حملي کانپوءِ شروع ٿيا هئا، ٽرين تي حملي ۾ 59 ڄڻا مارجي ويا هئا، جڏهن ته ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ وڳوڙن ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب هزار کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪيا ويا هئا.

گلبرگ سوسائٽي ۾ قتل عام دوران 69 مسلمانن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو هو، جن ۾ ڪيترائي اهڙا خاندان هئا، جن جا 10 -10 ۽ 11- 11 ڀاتي قتل ڪيا ويا هئا.

گلبرگ سوسائٽي قتل عام جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو هو، جنهن جي ٻڌڻي چئن ججن ڪئي هئي، خميس تي خاص عدالت جي جج پي بي ڊيسائي فيصلو ٻڌايو.

گلبرگ سوسائٽي قتل عام جو ڪيس 67 جوابدار تي داخل هو، جن مان 4 ڪيس هلڻ دوران فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 9 جيلن ۾ بند ۽ باقي ضمانت تي آهن، ڪيس ۾ 338 شاهد پيش ڪيا ويا هئا.

قتل ڪيل ڪانگريس اڳواڻ احسان جعفري جي بيوه ذڪيا جعفري فيصلي تي خوش نه آهي، سندس چوڻ هو ته کين انصاف نه مليو آهي ۽ هو جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ پنهنجي قانوني جنگ جاري رکندي.

ٻين متاثرن به خاص عدالت جي فيصلي کي هائيڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*