قمبر ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي ٽن واپارين کي گرفتار ڪري ورتو

qamber

قمبر ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي ٽن واپارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته واپارين تي هنڊي ذريعي غير قانوني طور رقم ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو الزام آهي.

ايف آءِ اي سکر جي ٽيم قمبر جي مين بازار ۾ ٻن دڪانن تي ڇاپا هڻي واپاري وسيم شيخ ۽ انيل ڪمار سميت  ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته واپارين تي هنڊي ذريعي رقم پاڪستان کان دبئي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن بعد جاچ لاءِ کين حراست ۾ وٺي دڪانن پيل رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*