واهي پانڌي مين پل جي نئين سر تعمير نه ٿيڻ خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي 22 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

wahi-pandhi-pull-protest

واهي پانڌي مين پل جي نئين سر تعمير نه ٿيڻ خلاف  مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي 22 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين ڪاشف جمالي، غلام رسول لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته واهي پانڌي مين پل  جو 22 ڏينهن اڳ هڪ حصو ٽٽي ڪري پيو هو، جنهن جي اڃا تائين مرمت نه ٿي سگهي آهي.

هنن چيو ته پل جي نئين سر تعمير نه ٿيڻ ڪري ٽريفڪ جو نظام درهم برهم آهي، تعمير ڪندڙ ٺيڪيدار به درست نموني ڪم نه ڪري رهيو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته پل جو درست نموني تعميراتي ڪم شروع ڪري شهرين کي پريشانين کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

ان موقعي تي سب انجنيئر محمد خان ڀٽي مظاهرين وٽ پهچي پل جلد تعمير ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، پر شهرين احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*