لاڙڪاڻي ۾ گونگن ۽ ٻوڙن عشر زڪوات مان حصو نه ملڻ ۽ حڪومتي سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

larkana-deef-protest

لاڙڪاڻي ۾ گونگن ۽ ٻوڙن عشر زڪوات مان حصو نه ملڻ ۽ حڪومتي سهائتا نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

گونگن ۽ ٻوڙن فدا حسين بڙدي، ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته حڪومت پاران عشر زڪوات مان کين حصو نٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري هو سخت معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن.

هنن چيو ته سرڪار پاران گونگن ۽ ٻوڙن لاءِ ووڪيشنل سينٽر قائم نه ڪيا ويا آهن ۽ نه وري سندن مالي سهائتا ڪئي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته گونگن ۽ ٻوڙن کي معاشري جو حصو سمجهي سندن مالي سهائتا ڪري پريشانين کان بچايو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*