پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان جي ڪوششن سبب پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پروفيشنل باڪسنگ ايونٽ منعقد ڪيو ويو

aamir-khan-boxer

پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان جي ڪوششن سبب پاڪستان  جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پروفيشنل باڪسنگ ايونٽ منعقد ڪيو ويو.

پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان کي انٽرنيشنل باڪسنگ ايسوسيئشن ريو ڊي جنيرو ۾ رٿيل اولمپڪ گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

عامر خان گذريل ڏينهن هڪ انٽرويو ۾ ان خوائش جو اظهار ڪيو هو ته هو اولمپڪ گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ چاهي ٿو.

عامر خان پاڪستان ۾ باڪسنگ کي هٿي وٺرائڻ ۽ٿري ماڻهن کي پاڻي جي فراهمي لاءِ رات هڪ امدادي باڪسنگ ايونٽ منعقد ڪرايو، جنهن ۾ دنيا جي مختتلف ملڪن سان تعلق رکندڙ باڪسرز شرڪت ڪئي.

انٽرنيشنل باڪسنگ ايسو سيئشن پاران تازو جاري ڪيل فيصلي ۾ عامر خان کان سوال ڪيو ويو، جنهن تي سندس چوڻ هو ته ان کي ڏسندو ۽جيڪڏهن اهو ممڪن ٿيو ته وڏي حيرت جي ڳالهه هوندي.

عامر خان ريو اولمپڪ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندي چيوته تصور ڪيو، جيڪڏهن هو اولمپڪ گيمز ۾ پنهنجي وطن جي نمائندگي ڪري ته کيس وڏي خوشي ٿيندي.

اسٽار باڪسر عامرخان گذريل ڏينهن ايس ايس يو جو دورو ڪيو،جتي ڪمانڊنٽڊ مقصود احمد سان ملاقات ڪئي.

ڪمانڊنٽ مقصود احمد عامر خان کي اسپيشنل سيڪيورٽي يونٽ بابت بريفنگ ڏني۽ کيس ملڪ ۾ باڪسنگ اڪيڊمي قائم ڪرڻ واري عمل ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.

ان موقعي تي عامرخان ايس ايس يو جي ڪمانڊوز سان ملاقات ڪئي ۽ کين باڪسنگ جي سکيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*