پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻُو ڪپتان۽ اسٽار آلرائونڊر وسيم اڪرم اڄ پنهنجي 50هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي

Waseem-Akram

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻُو ڪپتان۽ اسٽار آلرائونڊر وسيم اڪرم اڄ پنهنجي 50هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي.

1992 جي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فاتح ٽيم جو هيرو اسٽار وسيم اڪرم 3 جون 1966۾ لاهور ۾ پيدا ٿيو.

کاٻي هٿ سان تيز بالنگ ڪندڙ وسيم اڪرم پنهنجي ڪيريئرجي پهرين ٽِيسٽ ميچ 25 جنوري 1985۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف کيڏي، جڏهن ته هن ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ بنگلاديش جي ٽيم خلاف 9 جنوري 2002۾ کيڏي.

وسيم اڪرم پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي شروعات 23 نومبر 1984تي نيوزيلنڊ جي ٽِيم خلاف کيڏي ڪري ڪئي، جڏهن ته ون ڊي ڪيريئر جي آخري ميچ 4 مارچ 2003۾ زمبابوي جي ٽِيم خلاف کيڏي.

وسيم اڪرم 104 ٽيسٽ ميچز ۾ قومي ٽِيم جي نمائندگي ڪندي 2 هزار 8سو 98رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ 3سنچريون ۽7 ففٽيون شامل آهن، جڏهن ته بالنگ ۾ هن 414 وڪيٽون حاصل ڪيون.

وسيم اڪرم هڪ ميچ ۾ 25 ڀيرا 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته پنج ڀيرا 10 وڪيٽون هڪ ميچ ۾ حاصل ڪيون.

سندس بيسٽ بالنگ 119رنز عيوض 7وڪيٽون آهن.

وسيم اڪرم مجموعي طور تي قومي ٽيم پاران 356 ون ڊي ميچز ۾ شرڪت ڪئي ۽3هزار 7 سو 17رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ صرف 6 ففٽيون اسڪور ڪيون.

وسيم اڪرم ون  ڊي ميچز ۾ 502 وڪيٽون حاصل ڪيون، جنهن ۾ 6 ڀيرا 5 وڪيٽون هڪ ميچ  ۾ورتيون.

ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وسيم اڪرم جي بيسٽ بالنگ 15 رنز عيوض 5 وڪيٽون آهن.

وسيم اڪرم ٽِيسٽ ميچز ۾ 17ڀيرا مين آف دي ميچ جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو، جڏهن ته انٽر نيشنل ميچز ۾ چار ڀيرا هيٽرڪ ڪرڻ جو اعزاز به کيس حاصل آهي، جنهن ۾ ٻه ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ۽ ٻه ٽيسٽ ميچز ۾ شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*