پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد تي ڪڏهن به پريشان نه ٿيندو آهياب، جيڪو رانديگر اهل هوندو، ان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو:انضمام الحق

alzmam

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سلڪيٽر انضمام الحق جو چوڻ آهي ته پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد کان هو ڪڏهن به پريشان نه ٿيندو آهي، جيڪو رانديگر اهل هوندو، ان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي چيف سليڪٽر چيو ته سندس ڀرپور ڪوشش هوندي ته ڪنهن به رانديگرن سان زيادتي نه ٿئي.

هن چيو ته جيڪو ڪرڪيٽر پنهنجي ڪارڪردگي مان مطئمن ڪندو، ان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

انضمام الحق وڌيڪ چيوته انگلينڊ جي دوري لاِءِ ٽيم جو اعلان هڪ ٻن ڏينهن اندر ڪيو ويندو.

چيف سليڪٽر جو چوڻ آهي ته محمد عامر جي ويزا لاءِ پي سي بي ڪوششون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته محمد حفيظ جلد فٽ ٿي ويندو۽ هو گهڻُو پراميد آهي ته ٻئي رانديگرن انگلينڊ جي دوري ۾ ٽِيم جو حصو هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*