ڀارت: حد دخلين هٽائن تان چڪريون، 2 پوليس آفيسرن سميت 24 مارجي ويا

india-police

ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر مــِٿرا ۾ غير قانوني حد دخليون هٽائڻ تان چڪرين دوران ايس پي ۽ ايس ايڇ او سميت 22 ڄڻا مارجي ويا، فائرنگ ۾ 10 اهلڪارن سميت 40 کان وڌيڪ زخمي به ٿيا آهن. عدالت جي حڪم تي جواهر باغ تي ٻن سالن سان قابض احتجاج ڪندڙن کي هٽائڻ لاءِ پوليس ڪارروائي ڪئي ته آزاد ڀارت وڌڪ ويچارڪ ڪرانتي ستيا ڳڙهه نالي تنظيم جي ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ۽ فائرنگ ڪئي. اتر پرديش پوليس جي سربراهه دلجيت چوڌري موجب ٽي هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو باغ خالي ڪرائڻ لاءِ ويندڙ پوليس اهلڪارن کي روڪڻ لاءِ گڏ ٿي ويا هئا، جن پوليس تي فائرنگ ڪئي ته اهلڪارن کي جوابي ڪارروائي ڪئي. چڪرين دوران مٿرا سٽي جو ايس پي مــُڪل دو ويدي سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن بعد ۾ اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته ايس ايڇ او سنتوش يادوَ به مارجي ويلن ۾ شامل آهي ۽ 10 کان وڌيڪ اهلڪار زخمي آهن، پوليس جي ڪارروائي ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 30 جي لڳ ڀڳ زخمي آهي، پوليس واقعي واري هنڌان 3 سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پر تنظيم جو سربراهه رام ورڪش يادو فرار ٿي ويو آهي. آگره ڊويزن جي ڪمشنر پرديپ ڀٽناگر کي واقعي جو جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. ڄاڻايل گروهه اوڀر اتر پرديش کان آيل هئا، جيڪي پاڻ کي ڀارت جي آزادي جي هيرو سڀاش چندر بوس جا پيروڪار سڏرائين ٿا ۽ سندن عجيب غريب مطالبا آهن ته هڪ رپئي ۾ 40 ليٽر پيٽرول ملي يا ڀارتي رپيو 50 ملڪن ۾ هلي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*