ٿلها ماڻهو هوشيار ٿي وڃن، سائنسدانن جي جديد تحقيق موجب ٿولهه مثاني جي غدود واري ڪينسر جو سبب بڻجي سگهي ٿي، يورپ جي 8 ملڪن جي ڏيڍ لک مردن تي تحقيق ڪرڻ بعد اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جن مردن جي چيلهه تي 4 انچ وڌيڪ ٿولهه آهي، انهن کي مثاني جي غدود واري ڪينسر ٿيڻ جو خطرو 13 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نئين تحقيق سوئيڊن جي شهر گوٿن برگ ۾ يورپين اوبيسٽي سمٽ دوران پيش ڪئي وئي آهي. جنهن سان مرد جي جنسي صحت به متاثر ٿي سگهي ٿي.