امريڪا ۾ 60 سال اڳ چوري ٿيل ناياب ٽڪلي هٿ

usa takli

امريڪا ۾ 6 سالن اڳ چوري ٿيل هڪ ناياب ٽڪلي هٿ اچڻ بعد اصل مالڪ تائين وئي آهي پهچائي، 24 سينٽ ماليت جي “انورٽيڊ جيني” نالي اها ڊاڪ ٽڪلي 1918ع ۾وئي هئي ڇپائي، هن ٽڪلي جي خاصيت هئي اها ته ان تي ٻن پرن واري جهاز جي تصوير ڇپيل هئي ابتي. ڄاڻايل ٽڪلي انهن چئن ٽڪلين مان آهي هڪ، جن کي 1955ع ۾ نيويارڪ ۾ ڊاڪ ٽڪليون گڏ ڪندڙ ماڻهن جي ڪنويشن مان ڪيو ويو هو چوري. اپريل مهيني ۾ هي ٽڪلي هڪ نيلامي دوران آئي ٻيهر سامهون ، جنهن کي آئرلينڊ جي هڪ شخص نيلامي لاءِ ڪيو هو پيش، جنهن جو چوڻ هو ته اها ٽڪلي کيس پنهنجي ڏاڏي کان ملي هئي وراثت ۾، “انورٽيڊ جيني” جي هاڻوڪي قيمت آهي پوڻا ٻه لک امريڪي ڊالر، امريڪي فليٽڪ ريسرچ لائيبريري موجب ڪيلن او نيل کي انعام طور ڏنا ويا آهن 50 هزار ڊالر، منتظم اسڪاٽ انگلش جو چوڻ هو ته اها ٽڪلي آئرلينڊ ڪيئن پهتي، اهو ته آهي هڪ راز پر ان کان به آهي وڏو راز اهو ته اڃا به هڪ ٽڪلي آهي اتي. اڱاري تي نيويارڪ ۾ نيلامي دوران هڪ “انورٽيڊ جيني” ٽڪلي نيلام ٿي هئي 10 لک امريڪي ڊالرز ۾.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*