بالي ووڊ فلم “پروجيڪٽ مراٺواڙا” رليز، سياستدان فلم ڏسن: اوم پوري

om-puri7591

هارين جي آپگهات وارن واقعن تي ٺاهيل بالي ووڊ فلم “پروجيڪٽ مراٺواڙا” رليز ٿي وئي آهي، فلم ۾ معاشي طور تباهه ٿيل هاري جو ڪردار نڀائيندڙ ليجنڊ اداڪار اوم پوري سياستدانن کي صلاح ڏني آهي ته هو سماجي مسئلن تي ٺاهيل فلمون ضرور ڏسن. اوم پوري جو چوڻ هو ته فلمسازن به مالي خطري باوجود هي فلم ٺاهي آهي سياستدان ايتري ته زحمت ڪري سگهن ٿا ته اهڙيون فلمون ڏسن ۽ جيڪڏهن کين محسوس ٿئي ته هو ان پروجيڪٽ ۾ مدد ڪن. “پروجيڪٽ مراٺواڙا” جي ڪاسٽ ۾ گووند نامديوَ، سيما بسواس ۽ ٻيا شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*