ڪراچي جي پي آءِ اي ٽائون شپ ۾ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي عمارت کي لڳل باهه تي 3 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ضابطو آندو ويو

PIA-FIRE-4616

ڪراچي جي پي آءِ اي ٽائون شپ ۾ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي عمارت کي لڳل باهه تي 3  ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ضابطو آندو  ويو آهي،جڏهن ته باهه سبب عمارت  کي هنڌان هنڌان ڏار پئجي  ويا آهن.

پي آءِ اي ٽائون شپ ۾ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي عمارت کي باهه لڳڻ سبب شهر جي مختلف علائقن مان 15 فائربرگيڊز کي طلب ڪيو ويو.

پي آءِ اي جي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ باهه لڳڻ سبب عمارت  کي هنڌان هنڌان ڏار پئجي  ويا آهن.

پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته باهه سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي.

انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر مقصود احمد جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي آهي، تخريبڪاري جون شاهديون نه مليون آهي پر معاملي جي جاچ جاري آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*