وزيراعظم نواز شريف جي دل جي آپريشن کانپوءِ طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو

Nawaz-Sharif-140516

وزيراعظم نواز شريف جي دل جي آپريشن کانپوءِ طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي، ڊاڪٽرن پاران وزيراعظم کي پسار به ڪرائي وئي، جڏهن ته وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان دلچسپ ڳالهه ٻولهه به ڪئي.

لنڊن جي نجي اسپتال ۾ دل جي آپريشن کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف جي طبيعت تيزي سان بهتر ٿي رهي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته وزيراعظم جي طبيعت بهتر ٿي رهي آهي، کيس ڊاڪٽرن پاران پسار به ڪرائي وئي.

شهباز شريف، وزيراعظم بابت ٻڌائيندي چيو ته هــُن کيس چيو ته ميان صاحب ماشاءَ الله اوهان جي دل 5 سال جي جوان ٿي وئي آهي، جنهن تي وزيراعظم وراڻيو ته ها دل 25 سالن جي ۽ عمر 66 سال جي آهي.

حسين نواز جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي طبيعت ۾ هر ڪلاڪ اندر بهتري اچي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*