ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ۽ فاروق ستار سميت 20 اڳواڻن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا

ATC-16-4-16

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ۽ فاروق ستار سميت 20 اڳواڻن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چڙڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس پاران گرفتاري جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وئي.

عدالت پوليس جي رپورٽ بعد چڙڏياريندڙ تقريرن واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين ۽ فاروق ستار سميت 20 اڳواڻن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.

عدالت جاچ آفيسر کي ايندڙ ٻڌڻي تي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 16 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*