ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ عثمان معظم جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Dr-Asim-30416

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ عثمان معظم جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، رينجرز جي وڪيل عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي آءِ ٽي آڏو دهشتگردن جو علاج ڪرڻ ۽ کين پناهه ڏيڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهي، ان ڪري سندس ضمانت منظور نه ڪئي وڃي.

اي ٽي سي ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ ڊاڪٽر عاصم موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ۽ گهرواري جي طبيعت خراب آهي، ان ڪري  ضمانت منظور ڪئي وڃي.

رينجرز جي وڪيل عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي ۽ دليل ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم اعتراف ڪري چڪو آهي ته هن متحده ، لياري گينگ وار ۽ ٻين دهشتگردن جو علاج ڪرڻ سان گڏ کين اسپتال ۾ پناهه ڏني هئي.

رينجرز جي وڪيل ٻڌايو ته ڪيس جي هڪ شاهد يوسف ٻڌايو آهي ته ايم ڪيو ۽ لياري گينگ وار جي دهشتگردن کي ضياءُ الدين اسپتال ۾ علاج دوران 50 سيڪڙو رعايت ڏني.

رينجرز جي وڪيل ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا سان ويجهن لاڳاپن جو اعتراف ڪري چڪو آهي  ۽ سندس گرفتاري کانپوءِ سنڌ جو وڏو وزير 2 ڀيرا ساڻس ملاقات ڪري چڪو آهي.

رينجرز جي وڪيل موجب ڪيس جي هڪ ٻئي شاهد چاڪيواڙا واسي رڪشا ڊرائيور غلام رسول ٻڌايو ته هو لياري گينگ وار جي ڏوهارين کي سڃاڻي  پيو ،عمر ڪڇي ۽ ظفر بلوچ هڪ مهينو ضياءُ الدين اسپتال ۾ داخل هئا، جن جي گهر ڀاتين کي هو اسپتال کڻي ويندو هو.

رينجرز جي وڪيل اهو به ڊاڪٽر عاصم کي فون ۽ انٽر نيٽ جي سهولت موجود آهي ۽ ڊاڪٽر عاصم کي سمورن دوستن ۽ مائٽن سان ملاقات جي به اجازت آهي.

عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جوابدار عثمان معظم ڪري پيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو ته هو 5 ڏينهن کان بک هڙتال تي آهي، ان ڪري بيهي نٿو سگهي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڊاڪٽر عاصم ۽ عثمان معظم جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*